آفتاب غلام نبي قاضي

آفتاب غلام نبي قاضي

آفتاب غلام نبي قاضي

آفتاب غلام نبي قاضي: بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو اڳوڻو گورنر آفتاب جي اين قاضي 6 نومبر 1919ع تي خانبهادر غلام نبي قاضي جي گهر نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. رياضيءَ ۾ ايم. ايس سي ڪرڻ کان پوءِ 1943ع ۾ انڊين سول سروس (آءِ سي ايس) جي مقابلي واري امتحان ۾ شريڪ ٿيو ۽ اعزاز سان ڪامياب ٿيو. کيس بهار، اڙيسا سول سروسز ۾ چونڊيو ويو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قاضي صاحب پنهنجون خدمتون پاڪستان لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. انهيءَ وقت کان وٺي پاڻ مختلف عهدن تي رهندو آيو. اسسٽنٽ ڪليڪٽر هالا، ڪليڪٽر ٺٽو ۽ اولهه پاڪستان جو سيڪريٽري ماليات رهيو. 1962ع کان 1965ع تائين واشنگٽن ۾ پاڪستان جي اقتصادي کاتي جي نمائندي طور خدمتون انجام ڏنائين. ان کان پوءِ اولهه پاڪستان ۾ ترقيءَ ۽ منصوبي بنديءَ واري کاتي جو چيف سيڪريٽري ٿيو. 1966ع ۾ کيس واپڊا جو چيئرمئن بنايو ويو. 1969ع ۾ سيڪريٽري خزانه مقرر ٿيو. 1978ع کان 1986ع تائين بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر رهيو. 1993ع ۾ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جو چيئرمين مقرر ٿيو. 1994ع ۾ 75 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيو. 9 آگسٽ 2016ع تي، ڊگهي بيماري کان پوءِ اسلام آباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.11.06  عيسوي

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو اڳوڻو گورنر آفتاب جي اين قاضي 6 نومبر 1919ع تي خانبهادر غلام نبي قاضي جي گهر نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو


2016.08.09  عيسوي

آفتاب جي اين قاضي 9 آگسٽ 2016ع تي ،ڊگهي بيماري کان پوءِ اسلام آباد ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گل بيگ ٽنگڙي
ڀڳڙو مل ناچيز
پيرل پياسي
بڪيرائي مراد علي شاهه
الهڏنو مهر
ابن حيات پنهور
جوکيو اياز
عباسي نبي بخش
سيد سليمان ندوي
اي ڪي هنگل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون